ورڊ پريس اپگريڊ ڪرڻ دوران ميڪس ايگزيوڪيشن 80 سيڪنڊس جو مسئلو

0.41K views
no comments
5 Feb 2017 2:09 am

ورڊ پريس کي اپگريڊ ڪرڻ جي ضرورت ڇو پوندي آهي

ڇو جو اهو ضروري آهي ته ورڊ پريس کي اپگريڊ ڪجي جڏهن ورڊ پريس جي نئين ورزن جي اطلاع توهان اڊمن پينل ۾ ڏسو ته اپگريڊ ڪريو انڪري جو نئين ورزن ۾ گهڻا بگز صحيح ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته ايڊمن پينل جي يوزر انٽرفيس، ايڊيٽر کي پڻ صحيح ڪيو ويندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ نوان فنڪشن پڻ شايع ڪيا ويندا آهن.

اپگريڊ ڪرڻ دوران اهو مسئلو ڇو ايندو آهي

Fatal error: Maximum execution time of 80 seconds exceeded in WP-DIRECTORY\wp-includes\class-http.php on line 1597

 

ڏينهنون ڏينهن ورڊ پريس جو ڪمپريس فائنل سائيز ۾ وڌندو ويندو آهي جيئين تيئين ان ۾ نيون شيون ڳنڌيون ويندون آهن هن وقت ورڊ پريس جو پيڪيج فائيل 6 ايم بي آهي جنهن جو ورزن 4.3 آهي. پر جڏهن انٽرنيٽ جي رفتار آهستا هوندي آهي انڪري گهڻو وقت لڳندو آهي ڊائونلوڊ ٿيڻ ۾. ڇو جو PHP ۾ 30 يان 80 سيڪنڊ وڌ ۾ وڌ هلڻ جو وقت رکيل هوندو آهي تڏهن اهوERROR  ايندو آهي.

ورڊ پريس اپگريڊ ڪرڻ وقت ايندڙ مسئلي جو حل.

A PHP Execution کي وڌائڻ پوندو ته جيئن ورڊ پريس ڊائونڊ ٿي سگهي جيئن مان هيٺ ڏنل ڪوڊ ۾ 10 منٽ رکيا آهن پر اپگريڊ ڪرڻ کان پوءِ انکي هٽائي ڇڏڻ ضروري آهي.

ini_set('max_execution_time', 10*60); //10*60 =600-seconds = 10 minutes

NOTE:Your Email Address will be not shown and please do not add spamming comments because here is REL="NOFOLLOW" on your links and comments also moderated shown.
<code>Put html css or any language code under this tag</code>